ڪراچي ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ پي ٽي آءِ جي ريلي

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ڊويزن پاران ڪراچي پريس ڪلب کان قائد جي مزار تائين عمران جي رهائي، عدليا  جي آزادي، آئيني  جي بالادستي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪراچي ڊويزن جي صدر راجا اظهر، جنرل سيڪريٽري ارسلان خالد سميت، پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير الزمان، فهيم خان سميت پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين سينيئر اڳواڻن، ڪارڪنن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي ڪال تي ڪراچي جي مختلف علائقن مان ننڍيون وڏيون ريليون پريس ڪلب تي پهتيون، ريلي کي خطاب ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته اڄ پريس ڪلب کان  قائد جي مزار تائين ريلي ڪڍي وئي آهي، هي ريلي عمران خان جي آزاد، آئين جي بالادستي ۽ عدليا جي بالادستي لاءِ آهي، هن چيوته اسان کي پاڪستان جي آئين پر امن احتجاج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اسان اڄ پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي ريلي ڪڍي آهي، هن چيوته جڏهن ڪراچي جي عوام نڪرندي ته ڪپتان به جيل مان آزاد ٿيندو، ڪراچي جي عوام هميشه عمران خان سان پاڻ ملايو آهي،  هن چيوته گذريل ڏينهن به رالپنڊي ۾حد کان وڌيڪ ظلم ڪيو ويو، پر امن پاڪستاني شهرين تي شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا، ڪالهه راولپنڊي جي شهرين  سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائي عمران خان سان وفا جو حق ادا ڪيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.