ڪنڌڪوٽ ۾ جروار واسي نوجوان ڪارنهن الزام هيٺ قتل، وارث سراپا احتجاج

ڪنڌڪوٽ/ جروار/خانپورمهر (نمائندن وٽان)ڪنڌڪوٽ جي گلشير پاڙي ۾ هٿياربندن جروار واسي 35 سالن جي نوجوان شاهمراد ولد شاهنواز مهر کي ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن ثناءُ الله مهر، شاهنواز، وزير مهر، نذير مهر ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته اسان جي نوجوان مٿان برادري جي ماڻهن 10 مهينا اڳ ڪارنهن جو الزام لڳايو هو، جنهن بعد نوجوان ڪنڌڪوٽ ۾ مائٽن وٽ ترسيل هو، ڪالهھ رات جوابدارن حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف مقتول جو لاش وارث خانپورمھر لڳ ڳوٺ خدابخش مهر کڻائي آيا جتي نوجوان جو لاش پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن شاهنواز مهر، وزير مهر، نذير مهر ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اٽڪل 10 مهينا اڳ اسان جي نوجوان مٿان برادري جي ماڻهن ڪارنهن الزام مڙهيو هو اسين فيصلي لاءِ برادري جي چڱن مڙسن ۽ اميرن سان گڏجي ٻئي ڌر وٽ پهتا سين پر انهن فيصلو نه ڪيو ڪالهھ جوابدارن نوجوان مٿان فائرنگ ڪري گوليون قتل ڪري ڇڏيو. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اسان جي نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.