شهيد نذير عباسي جو ساٿي ڪامريڊ مولچند ڪيسواڻي ديهانت ڪري ويو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ترقي پسند اڳواڻ ۽ نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جو خزانچي ڪامريڊ مولچند ڪيسواڻي  ديھانت ڪري ويو. ڪامريڊ مولچند ڪيسواڻي ڪشمور ضلعي جو سر گرم ڪميونسٽ اڳواڻن هو،  80 واري ڏهاڪي ۾ ڪامريڊ مولچند شھيد نذير عباسي ۽ مانڌل شر ۽ ٻين سان قلعي ڪئمپ ڪوئٽيا بلوچستان ۾ پڻ رهيو، پٽ جي هاري تحريڪ ۾ پڻ سرگرم رهيو. هو عوامي جدوجهد جو اهم ڪردار هو، جنهن جنرل ضيا جي آمريت ۾ جيل ڀوڳيو ۽ ٽارچر برداشت ڪيائين. ڪامريڊ مولچند ڪميونسٽپارٽي آف پاڪستان ۽  سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ سرگرم رهيو، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽  ساٿي ٻارڙا سنگت جي تنظيم ڪاري ۾ شاگردن ۽ ٻارڙن جي آبياري ڪندو رهيو، هو هميشہ پوري ڪٽنب سان سڄي زندگي کاٻي ڌر جي سياست مان سرگرم رهيو،سندس آخري رسمن ۾ هر مذهب،قوم،برادري جي اڍائي هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي،

انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري سجاد ظهير ڪامريڊ مولچند جي وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪامريڊ مولچند عوامي جدوجهد ۾ سرگرم رهندڙ ڪامريڊ هو، هن جي وڇوڙي سان کاٻي ڌر جي سياست هڪ بهترين ۽ جاکوڙي ڪامريڊ کان محروم ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.