لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ويجهو گورنمينٽ هاءِ اسڪول محراب سنديلو ۾ والدين جي گڏجاڻي ڪوٺائي، جنهن ۾ ڊي اي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي، ڊپٽي ڊي اِي او پير محمد شاهه، هيڊ ڪلارڪ مسعود سومرو، ڊي سي ايم آفتاب احمد کهاوڙ ۽ ڪاشف شاهه شرڪت ڪئي.
ڊي اي او پرائمري انيس الرحمان جلباڻي والدين کي خطاب ڪندي چيو ته سندن مقصد ٻارن کي تعليم ڏيڻ آهي، وڌ کان وڌ شاگردن کي اسڪول داخل ڪرايو وڃي.
هن واعدو ڪيو ته تعليم جي معيار کي نظر ۾ رکندي نئين ڀرتي واري عمل ۾ چار پي ايس ٽي استاد مقرر ڪيا ويندا.
ڊي سي ايم آفتاب احمد کهاوڙ ڊي اي او پرائمري ۽ ڪميونٽي جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سندن ويزن آهي ته هارين توڙي غريبن جا ٻار ڊاڪٽر ۽ انجنيئر بڻجن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غريب جا ٻار به آفيسر بڻجن.
ڳوٺاڻن ڊي اي او پرائمري ۽ ڊي سي ايم هينڊز جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي حڪومت ۽ هينڊز پاڪستان پاران اسڪول جي بهترين انتظامن تي شڪريو ادا ڪيو.
You might also like