گنڊاپور جي ڌمڪي 9 مئي ورجائڻ جو اعلان آهي: عطاءُ تارڙ

اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله  تارڙ چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي ڌمڪي 9 مئي ورجائڻ جو اعلان آهي. علي امين گنڊاپور جي گولي هلائڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي حڪومت هلائڻ جي لائق ناهي، ڪي پي جو وڏو وزير گارين مان هاڻ گولين تي هلي پيو آهي،

ان سان هو ڪنهن ٻئي جو نه پنهنجو نقصان ڪندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جو ڪو بيان، ڪو قدم ۽ ڪو رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي، هن ڪڏهن نه چيو ته اسان تعليم، صحت، روزگار ۽ معاشي بهتري جي ميدان ۾ مقابلو ڪنداسين، انقلاب آڻڻو آهي ته صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀلائي جي منصوبن جو آڻيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.