لاهور (عمران شفقت) عمران خان لاءِ ايندڙ ڏينهن ڏکيا آهن ڇو ته نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ اچي رهيو آهي ۽ سندس اچڻ سان ضرور فرق پوندو ڇو ته هر ڪنهن جي ڪم ڪرڻ جو انداز پنهنجو هوندو آهي. عمران خان وٽ هڪ ئي رستو هوندو ته هو مولانا فضل الرحمان جي ڳالهه مڃي پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪو ڪردار ڳولي وٺي ۽ هوڏ ڇڏي ڌمڪيون ڇڏي ڏئي ٻي صورت ۾ سندس لاءِ ڪي رستا کلي نه سگهندا. پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن اڳ احتجاج ۾ جيڪو ڪرڻ چاهيو اهو نه ٿي سگهيو، علي امين گنڊاپور ٻيهر پهچي نه سگهيو ۽ پوليس جو ڪم اهو ئي آهي ته سندن رستا روڪ ڪري. هاڻي علي امين گنڊاپور ڌمڪيون ڏئي ٿو ته هڪ گولي بدران 10 گوليون هلائينداسين، اها عمران خان کي ڦاسائڻ واري ڳالهه آهي. عمران خان وٽ اهو آخري موقعو هوندو. انقلاب جون ڳالهيون پي ٽي آءِ جي ڪنهن ڪم نه اينديون.
-
شاهد خاقان پاران آئيني ترميم تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرائڻ جو مطالبو
لاهور ( بيورو+م ڊ ) عوام پاڪستان پارٽي جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت جيڪڏهن آئين ۾ ترميم ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي عوام آڏو آڻي ۽ پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو وڃي. عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪنهن کي اندازو ئي ناهي ته آئيني عدالتن جون حدون ڪهڙيون هونديون، هي ترميم آڻڻ چاهيون ٿا ته جيئن هڪ شخص چيف جسٽس نه بڻجي سگهي.لاهور جي خانگي يونيورسٽي ۾ خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪنهن به سينيٽر آئيني ترميم کي ناهي ڏٺو، جيڪي ترميم ڪرڻ چاهين ٿا اهي عوام جي سامهون رکن، دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جتي پڙهڻ کان علاوه ئي قانون پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي خبر ناهي ته آئيني عدالتن جون حدون ڪهڙيون هونديون، هو ترميم آڻڻ چاهين ٿا ته جيئن هڪ شخص چيف جسٽس نه بڻجي سگهي.
پنهنجي خطاب ۾ شاهد خاقان عباسي اهو به چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي رستي تان هليو ويو آهي، نواز شريف وٽ خاموش رهڻ جو ڪو آپشن ناهي، جيڪڏهن هو خاموش رهيو ته سڀاڻي کيس جواب ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته چونڊون مسئلن جو حل نه آهن، چونڊون چوريون ٿيون، هاڻي قيادت جو امتحان آهي ته ملڪ کي هلائڻو آهي يا نه.