پشاور (م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور باضابطه طور تي انقلاب جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هاڻ جيڪڏهن ڪوبه گولي هلائيندو ته اسان جي طرفان انهي جو جواب گولي سان ڏنو ويندو. پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته ملڪ ۾ پهريان اسان جي عزتن، چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پامال ڪيو ويو پر اسان ملڪ جي لاءِ خاموش رهياسين هاڻ اسان جي مٿان گوليون هلايون پيون وڃن، هن چيو ته اڄ اسان جي 2 ڪارڪنن کي گوليون هنيون ويون، ٽئين ڪارڪن کي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو جنهن جي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي. اسان جي مٿان سڌا شيل فائر ڪري 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ويو. پنجاب جي حدن ۾ هر 3 ڪلو ميٽر تي اسان جي مٿان شيل ۽ گوليون وسايون ويون. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته پورو پاڪستان اسان جو آهي، علي امين چيو ته انهي کان پوءِ جيڪڏهن ڪوبه اسان جي مٿان گوليون وسائيندو ته انهي تي اسان به گوليون وسائينداسين ، توهان هڪ گولي هلائيندو ته اسان 10 گوليون هلائينداسين، توهان هڪ شيل ۽ لٺ هڻندو ته اسان 10 هڻنداسين، علي امين چيو ته ادارا قوم جي آواز نٿا بڻجي سگهن ۽ قوم جي راءِ جي عزت نٿا ڪري سگهن ته سائيڊ تي ٿي وڃن، عوام جا فيصلا عوام کي ڪرڻ ڏيو، سياستدانن کي سياست جا فيصلا ڪرڻ ڏيو، ادارا وچ ۾ نه اچن پوءِ ڏسو اڳيان ڇا ٿو ٿئي، اڄ باقاعده انقلاب جو اعلان ڪري رهيو آهيان، انقلاب کان علاوه ٻيو ڪوبه حل نه آهي.