سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ عيسو ڪيريو ۾ پرائمري اسڪول جو چوڪيدار 40 ساله دودو ولد تاج محمد ڪيريو پراسرار طور تي تيز ڌار اوزار سان اسڪول اندر قتل ٿي ويو، لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ابتدائي طور تي ٻڌايو ته قتل ٿيل شخص کي ڪنهن تيز ڌار اوزار سان گلي ۾ وار ٿيل آهن. اسپتال ۾ موجود سندس ويجهي عزيز امام الدين ڪيريو ٻڌايو ته مقتول ماروٽ آَهي، ڪنهن سان به دشمني ناهي، خبر نه آهي کيس ڪنهن قتل ڪيو آهي واقعي جي جاچ ڪئي وڃي.