ڪراچي/شهدادپور (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر آئوٽ ٿيڻ خلاف سچل ڳوٺ اوڀر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي مقصود سومرو، زين قريشي، غلام مدثر سرڪي، ثقلين عباس، ريحان پالاري، مير غلام مرتضيٰ، حنيف سومرو، نور باگڙي ۽ ٻين ڪئي. هوڏانهن سانگھڙ اسٽوڊنٽ ڪائونسل پاران شهدادپور ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، ريلي جي اڳواڻي اشفاق جمالي، ڊاڪٽر رانا صداقت راجپوت ۽ ٻين ڪئي. ايم ڊي ڪيٽ جي هن جعلي انٽري ٽيسٽ کي رد ڪيون ٿا، انتظاميا ڪروڙين رپيا وٺي ڪري امتحاني پيپر مافيا جي سهڪار سان آئوٽ ڪري ڇڏيا، سوين شاگردن جي حق تي ڌاڙو ھنيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ٻيهر شفاف نموني ٽيسٽ ورتي وڃي.