لاهور (معظم فخر) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار بابت اطلاع آهن ته راولپنڊي ۾ کانئس ٽن ڏينهن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. عمران خان ان جي ڪري ئي وڌيڪ دانهون ڪري رهيو آهي ته ڇو ته سندس ملٽري ٽرائل لاءِ وڌيڪ هڪ شاهد ملي ويو آهي. هاڻي عمران خان جي خواهش آهي ته جلد کان جلد حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪجي. جنرل فيض حميد ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جا رابطا عمران خان ۽ ٻين ساٿارين سان ملن ٿا. ذريعن انڪشاف ڪيو ته اڳوڻي چيف جسٽس جي واپسي کانپوءِ ٽن ڏينهن تائين کائنس پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ان دوران ثاقب نثار ۽ جنرل فيض حميد کي آمهون سامهون به ويهاريو ويو. جن جي سامهون ثبوت به رکيا ويا ۽ انهن کان انڪار جو ڪو جواز ئي نه رهيو. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ثاقب نثار جو نالو به ان ئي لسٽ ۾ آهي جن پراجيڪٽ عمران خان ڪامياب ڪرائڻ ۾ جنرل فيض حميد جي سهولتڪاري ڪئي. هن اها سهولتڪاري ڪئي ته عمران خان جا حامي جي 2032 تائين سپريم ڪورٽ تائين پهتل هجن. سڀني ججن کي پلاننگ تحت سپريم ڪورٽ موڪليو ويو ڇو ته کين چيف جسٽس بڻجڻو آهي. ڏوهه ۾ حصيدار بڻجڻ جي سزا ثاقب نثار کي پنهنجي وقت تي ملندي پر هاڻي هو گواهه طور سامهون ايندو. ججن جي مقررين سميت ٻيا معاملا به سامهون ايندا. هاڻي جڊيشل مئجسٽريٽ کان اجازت وٺي عمران خان کان به پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي جنهن مان چٽا امڪان آهن ته ايندڙ مرحلي ۾ عمران خان کي مهمان بڻايو ويندو.