اسلام آباد (م ڊ) حسن نصرالله جي قتل بابت پاڪستان جو ردعمل سامهون اچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ جنگي مهم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل کي مارڻ سان خطي ۾ عدم استحڪام وڌندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته شهري آبادي تي اهڙا حملا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي جيڪي خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن. اسرائيل ڪيترن ئي ڏينهن کان لبنان جي خودمختياري جي ناقابل قبول خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ مسلسل شهري آبادي کي نشانو بڻائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائي رهي آهي. ترجمان حملن جي متاثرن، انهن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان گڏ آهي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو آهي ته هو اسرائيل کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪين ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
-
صبر ڪندا رهيا سين ته اسرائيل جا حوصلا وڌي ويندا: حماس
غزا( م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته غزه ۾ مجاهدن ۽ اسان جي تحريڪ ثابت قدم آهي. حماس جي ترجمان خالد قدومي خانگي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو دشمن سفارتڪاري تي يقين نٿو رکي، اسان هن وقت حالت جنگ ۾ آهيون. خالد قدومي چيو ته جيڪڏهن اسان صبر ڪندا رهياسين ۽ اسرائيل کي جواب نه ڏنو ته سندس حوصلا وڌي ويندا. هن چيو ته غزه ۾ هڪ هفتي دوران هڪ هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا، عالمي برادري کي خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.