ڪراچي ( رپورٽر) ڪرائم رپورٽرز ايسوسيشن جي مجلس عامله ايم ٽي خان روڊ تي مذهبي جماعت جي ريلي دوران سي آر اي ميمبر دانيال سيد سميت صحافين تي تشدد ۽ ميڊيا جي گاڏين کي نقصان پهچائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي معافي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته مختلف مذهبي تنظيمن پاران حسن نصرالله جي شهادت تي ريلي دوران صحافين تي تشدد ڪيو ويو ۽ ميڊيا جي گاڏين کي به نقصان پهچايو ويو،اڳواڻن تنظيمن جي اڳواڻن کي خبردار ڪندي چيو ته ميڊيا توهان جي عوام جو آواز آهي ۽ توهان ميڊيا جي نمائندن کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو صحافي ۽ ميڊيا تنظيمون مجبور ٿين مڪمل طور تي توهان جي سڀني ڪوريج جو بائيڪاٽ ڪن
-
31 سيڪڙو پاڪستاني سوشل ميڊيا جي استعمال کان پريشان
اسلام آباد (م ڊ) گيلپ پاڪستان پاران هڪ نئون سروي جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪيترائي پاڪستاني سوشل ميڊيا جي وڌندڙ استعمال کان پريشان آهن، سوشل ميڊيا زندگين تي تمام گهڻا اثرڇڏيا آهن، 31 سيڪڙو پاڪستاني سوشل ميڊيا جي وڌندڙ استعمال سبب پريشان آهن. سروي ۾ 38 سيڪڙو ماڻهن پنهنجي زندگين تي سوشل ميڊيا جي اثر کي رد ڪندي چيو ته انهن جي زندگين ۾ ڪو به فرق ناهي آيو آهي. عالمي سطح تي 50 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا سندن زندگين تي حاوي آهي، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ 57 سيڪڙو ماڻهو سوشل ميڊيا سبب زندگين ۾ وڌندڙ مداخلت کان پريشانين جو اظهار ڪيو آهي.