منصور شاهه جي حمايت ڪريون ٿا، نئين چيف جسٽس جو جلد اعلان ڪريو: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ چيف جسٽس جي مقرري جو جلد اعلان ڪيو وڃي، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي  عمران خان چيو ته هو سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، پي ٽي آءِ باني جو چوڻ هو ته آئيني عدالت جو مقصد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو اختيار ختم ڪرڻ آهي، حڪومت پوري عدليه کي تباهه ڪرڻ ۾ لڳل آهي، عمران خان وڌيڪ چيو ته هو چاهين ٿا ته پنهنجا ئي جج چونڊ ڌانڌلي تي پردو ڪن، هو چاهين ٿا ته پي ٽي آءِ ڪنهن به صورت ۾ سامهون نه اچي، قاضي فائز عيسيٰ آئيني ترميمن جو فائدو وٺندڙ آهي جيڪو انصاف ٿيڻ نه پيو ڏي، اهو سڀ ڪجهه گينگ آف ٿري کي توسيع ڏيڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ٿرڊ امپائر ڪنٽرول ڪري رهيو آهي ۽ هو انهن جي ٽيم جو ڪپتان به آهي، هن چيو ته اسان کي ڪو به جلسو ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي، جيڪڏهن راولپنڊي ۾ جلسو ڪرڻ نه ڏنو ويو ته احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.