آئيني ترميم جي منظوري بابت غلط اندازا جنرل نديم انجم جي موڪلاڻي جو سبب بڻيا

اسلام آباد(اعزاز سيد)آءِ ايس آءِ جي چارج ڇڏيندڙ سربراهه جنرل نديم انجم جي ڌيءُ جي شادي هڪ پي ٽي آءِ حامي فوجي سياسي خاندان ۾ ٿي آهي، نديم انجم کي تاحڪم ثاني ايڪسٽينشن مليل هئي، هن جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري ۾ اهم ڪردار هو، ڇو ته ان دور ۾ جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ تي سموريون پارٽيون راضي ٿي چڪيون هيون پر جنرل نديم انجم جي ڪردار سبب اهو سلسلو رڪجي ويو، سينيارٽي لسٽ ۾ جنرل فيض حميد ۽ جنرل عامر جا به نالا شامل هئا پر جنرل نديم انجم جي آءِ ايس آءِ جي اداري طور ڪوشش هئي ته جنرل عاصم منير آرمي چيف بڻجي وڃي،جنرل نديم انجم جي دور ۾ ٻه وڏا ليپس ٿيا،ملڪي تاريخ ۾ پهريون ٿيو ته آءِ ايس آءِ سربراهه پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ٻيو هن جي دور ۾ سياستدانن، صحافين سميت تمام گهڻيون آڊيوز ليڪ ٿيون،هن جي دور ۾ انٽيليجنس وائکي ٿي،پر اهي فيصلا اڪيلي نديم انجم جا نه هئا،  جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿي سگهندڙ آئيني ترميم اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي هئي، ذريعن موجب جنرل نديم انجم جي وڃڻ جو اصل سبب اهو هو ته آءِ ايس آءِ آئيني ترميم جي پڪي منظوري بابت جيڪي رپورٽون ڏنيون هيون اهي غلط ثابت ٿيون، آخري وقت ۾ مولانا به هٿ ڪري ويو،حڪومت وٽ منظوري لاءِ نمبر ئي پورا نه هئا، آءِ ايس آءِ حڪومت کي ترميمن جي منظوري بابت مس ڪليوڪيٽ ڪيو،هاڻي جنرل عاصم ملڪ نئون آءِ ايس آءِ سربراهه ٿيو آهي اهي سڀ شيون هن کي مينيج ڪرڻيون آهن، هن جي ڪريڊٽ ۾ لانگ ڪورس ۽ سورڊ آف آنر آهي،هن هيل تائين ڪنهن ڪور جي ڪمانڊ ناهي ڪئي پر گهڻو وقت ايڊجوڊنٽ جي سربراهي ۾ گذاريو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 26 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.