چونڊ نتيجن جو بنيادي ثبوت فارم 45 نه، ڪاسٽ ووٽ هوندا آهن\چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ): سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته چونڊ نتيجن جو بنيادي ثبوت فارم 45 نه پر ڪاسٽ  ٿيل ووٽ هوندا آهي. اهڙا رمارڪس هن بلوچستان اسيمبلي جي سيٽ پي بي 14 تي چونڊ ڌانڌلي ڪيس جي جاري ڪيل لکت واري تفصيلي فيصلي ۾ ڏنا آهن. تفصيلي فيصلي ۾ هن چيو آهي ته اصل نتيجا رڳو ڪاسٽ ٿيل بيلٽ پيپرن  سان طئي ٿيندا. هن چيو ته ٿيلها کولڻ کان پوءِ  فارم 45 ۽ 47 کي حتمي فيصلو نه ٿو چئي سگهجي .سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن ۾ اڇلايل بيلٽ پيپر چونڊ تڪرار ۾ اهم شاهديون آهن. جيڪڏهن ٻيهر ڳڻپ جي درخواست منظور ڪئي وئي ته ٻيهر ڳڻپ سڀني اميدوارن جي موجودگي ۾ ڪئي ويندي. عدالت ۾ اليڪشن بيگ جي سيل ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ناهي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.