شھدادڪوٽ ۾ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن هٿان 2 سڳا ڀائر قتل ، جوابدار فرار

شهدادڪوٽ ( رپورٽ : ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويا، مقتول ڀائر تعلقي اسپتال پاڙي جا رهواسي ۽  محمد رحيم مينگل جا پٽ ھئا،اطلاع تي اي سيڪشن پوليس پهچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ  تعلقي اسپتال کڻائي آندا، واقعي جي اطلاع تي مينگل برادري جي ماڻهن سميت سوين شهري اسپتال پهچي ويا، جڏهن ته وارث لاشن مٿان ماتم ڪري رهيا هئا، ڪيس داخل نه ٿيو، ان ڏس ۾ عوامي آواز پاران گڏ ڪيل معلومات موجب 26 ورهين جو عبدالرحمن مينگل ۽ 24 ورهين جو شهباز مينگل پنهنجي گهر کان خانگي ملازمت واري هنڌ ڏانهن اچي رهيا هئا ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪمبوه پاڙي وٽ موٽر سائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڀائر ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا، ان دوران  موجود ماڻهن اي سيڪشن ٿاڻي تي اطلاع ڪيو جيڪا واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال کڻائي آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا، مقتول عبدالرحمن رائيس مل تي منشي هو ۽ شهباز سبزي منڊي ۾ ڪم ڪندو هو، پوليس جي ذريعن موجب واقعو گهرو دشمني تان پيش آيو آهي، ٻي پاسي عوامي آواز پاران رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او اختر ابڙو ٻڌايو ته مقتولن جا وارث ٿاڻي تي آيا هئا جن اهو چيو ته اسان تدفين بعد اچي عبدالرحمن ۽ شھباز جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.