پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلن جي قيام بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونلن جي قيام بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. سلمان اڪرم جي وڪيل حامد خان چيف جسٽس تي اعتراض اٿاريندي چيو ته اسان کي اوهان جي ڪيس ٻڌڻ تي اعتراض آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي پاڻ کي ڌار ڪرڻو آهي ته ڪري وٺو، اسان کي ڪو مسئلو ناهي. جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن جي لکت ۾ جواب موجب هاءِ ڪورٽ جي  مشاورت سان مسئلو حل ٿي ويو، ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته بلڪل چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ 4 ٽربيونل قائم رکيا ۽ قانون تبديل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي 4 مقرر ڪندي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪي معاملا عدالت جا نه آهن انهن کي پاڻ ۾ حل ڪريو، هڪ درخواست ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان ته ڏسو آئين ڇا چوي ٿو، آئين جو ڪتاب آهي پر آئين کي ڪير پڙهي نٿو. سلمان اڪرم راجا چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ ججن جا نالا ڏئي ته اليڪشن ڪميشن کي انڪار ڪرڻ تي جوڳا سبب ٻڌائڻ گهرجن. سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪو فيصلو ڏيڻ کانسواءِ معاملو ختم نٿي ڪري سگهي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار آهي پر ٽربيونل لاءِ ججن جي مقرري هاءِ ڪورٽن جي مشاورت سان ٿيندي آهي، ٽربيونل ۾ ججن جي مقرري تي پسند اڻ پسند جي ڳالهه هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ٽربيونل جو انگ ڪيسن تي ڀاڙي ٿو، ڪيسن کي ڏسندي ججن جي انگ تي فيصلو ڪريو، جيڪڏهن ججن جو انگ ڪيسن کي ڏسندي گهٽ هوندو ته غير منصفاڻو هوندو، مون کي خبر ناهي بلوچستان يا پنجاب ۾ ڪيترا ڪيس التوا هيٺ آهن. تنهن کانپوءِ عدالت پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل جي قيام بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.