اسلام آباد(م ڊ)چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين ٺاهيندڙن اليڪشن ڪميشن کي ادارو بڻايو هو چاهي ته ان کي ختم ڪري سگهن ٿا. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل جي قيام بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سلمان اڪرم راجا ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻڌڻي دوران وڪيل سلمان اڪرم راجا موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ گهرجي ها، سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي فيصلو ڏيڻ کانسواءِ معاملو ختم نٿو ڪري سگهي. سلمان اڪرم راجا جي دليلن تي چيف جسٽس چيو ته عدالتي فيصلن تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي يا آئين تي؟ عدالت آئين جي پابند آهي، مون کي پرواه ناهي ته جج ڇا فيصلو ڪيو. چيف جسٽس سلمان اڪرم کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان ٽربيونل لاءِ پنهنجي پسند جا جج چاهيو ٿا؟ جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ صلاح مشورا ٿي ويا آهن ته وڌيڪ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ توهان چاهيو ٿا ته ٽربيونلز جو معاملو ختم نه ٿئي. هن تي سلمان اڪرم چيو ته عدالتي فيصلن بدران رڳو آئين تي عمل ڪيو ويو ته ملڪ ۾ مسئلا پيدا ٿيندا ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين ٺاهيندڙن وٽ عقل آهي، آئين تمام پيچيده ڪتاب آهي جنهن کي ڪو عقلمند ئي سمجهي سگهي ٿو، آئين ٺاهيندڙن اليڪشن ڪميشن کي ادارو بڻايو، جيڪڏهن چاهين ته ختم ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ چونڊ ڪم شروع ڪري ته ڇا ٿيندو.