لاڙڪاڻي ڀرسان پسند پرڻي بعد طلاق ڏيارڻ تان حملو، ڀاءُ ڀيڻ قتل، ماءُ زخمي

لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان پيار جي پرڻي تان ھٿياربندن گھر تي حملو ڪري ڀاءُ ڀيڻ کي قتل ڪري ماءُ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيدر بروھي ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ھٿياربندن ڳوٺاڻي نديم بروھي جي گھر تي حملو ڪري جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب ڀاءُ ڀيڻ 32 ورھين جي فضيلا خاتون ۽ 30 ورھين جو نديم احمد پُٽ الاھي بخش بروھي ٿڏي تي قتل ٿي ويا، فائرنگ دوران ڌيءُ ۽ پُٽ کي بچائڻ لاءِ آيل ماءُ قائمه بروھي سخت زخمي ٿي پئي، واقعي بعد ھٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مقتول ڀاءُ ڀيڻ جا مڙھ کڻائي تعلقي اسپتال ڏوڪري آندا ۽ زخمي عورت قائمه بروھي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻي منتقل ڪيو، جتي کيس ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ھوڏانھن مقتول ڀاءُ ڀيڻ جي لاشن جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا مڙھ ڳوٺ حيدر بروھي پھتا ته وارثن ۾ قھرام مچي ويو ۽ ڳوٺ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو، ٻئي طرف مقتول ڀاءُ ڀيڻ جي مامي علي بروھي جي فرياد تي باقراڻي ٿاڻي تي 8 سڃاتل ۽ ھڪ اڻڄاتل جوابدار سميت 9 ڄڻن مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن بعد پوليس جوابدارن جي گھرن تي ڇڙھائي ڪري ڀڄ ڊاھ ڪئي پر جوابدار گھر ڇڏي فرار ٿي ويا، رابطو ڪرڻ تي حد جي ايس ايڇ او نيئر بروھي ٻڌايو ته واقعو بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پسند جي پرڻي ڪرڻ تان پيش آيو آھي جنھن ۾ متاثر ڌر پنھنجي عورت کي طلاق ڏياري ھُئي جنھن بعد مخالف ڌر حملو ڪري ڀيڻ ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي، ٻئي طرف ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس پي ھيڊ ڪوارٽر حسيب جاويد سومار ميمڻ جي سربراهي ۾ اسپيشل ٽيم جوڙي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.