اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين سان ٽڪراءَ قرار، مخصوص سيٽن بابت تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، 70 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽي کي عام چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي، پشاور هائيڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا مخصوص سيٽن بابت فيصلا ڪالعدم قرار ڏنا ويا، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پهرين مارچ جي فيصلي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن 2024 جي چونڊن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي آهي، چونڊ تڪرار بنيادي طور ٻين سول تڪرارن کان مختلف هوندو آهي، چونڊ نشان نه هئڻ چونڊ وڙهڻ بابت سياسي پارٽي جي حق کي متاثر نه ٿو ڪري سگهي، آئين ۽ قانون سياسي پارٽي کي عام چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ کان نه ٿو روڪي، عام چونڊن ۾ سڀ کان وڏو اسٽيڪ عوام جو هوندو آهي، عوامي خواهش جي اظهار ۽ جمهوريت لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ضروري آهي، اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هڪ سياسي پارٽين جي نظام تي ٻڌل پارلياماني جمهوريت ۾ ايترا آزاد اميدوار ڪيئن ڪامياب ٿي سگهن ٿا؟ تفصيلي فيصلي ۾ اهو به چيو ويو ته اڪثريتي فيصلي تي جن ٻن ججن اختلافن جو اظهار ڪيو آهي اهو مناسب ناهي،

ججز ڪميٽي  ۾ ون مين شو آهي، فل ڪورٽ اجلاس گهرايو وڃي

اسلام آباد(م ڊ) جسٽس منصور علي شاهه ترميمي آرڊيننس تي خدشا ڏيکاريندي ججز ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت کان سواءِ هليو ويو، سندس چوڻ آهي ته ججز ڪميٽي ۾ غير جمهوري رويو ۽ ون مين شو آهي.  جسٽس منصور علي شاهه ججز ڪميٽي کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته هن سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تحت قائم ڪميٽي ۾ شموليت کان انڪار ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي جوڙجڪ جو فيصلو فل ڪورٽ جو هو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ تبديلي يا ته فل ڪورٽ بئنچ يا فل ڪورٽ اجلاس ذريعي ممڪن آهي. جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته تڙ تڪڙ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس آندو ويو، منهنجي خط کي اجلاس جي منٽس جو حصو بڻايو وڃي.  سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه سيڪريٽري سپريم ڪورٽ  ڪميٽي کي خط لکيو. جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ ترميمي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته آرڊيننس جاري ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪن بعد پريڪٽس اينڊ  پروسيجر ڪميٽي جوڙي وئي، ترميمي آرڊيننس اچڻ کانپوءِ به سينيئر ججن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي ها. خط ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس منيب اختر کي بنا ڪنهن سبب جي ڪميٽي مان هٽايو ويو.جسٽس منيب اختر کي ڪميٽيءَ مان ڪڍڻ جا سبب به نه ٻڌايا ويا، جيڪو غير جمهوري رويو ۽ ون مين شو آهي.  خط ۾ هن چيو ته چيف جسٽس جي شخصيت ۾ انتظامي معاملن جو مرڪوز غير جمهوري ۽ عدالتي شفافيت جي اصول جي ابتڙ آهي. جسٽس منصور علي شاهه ڪميٽي ۾ واپسي لاءِ 3 شرط رکيا .خط ۾ چيو ويو آهي ته ان وقت تائين هو ڪميٽي ۾ نه ويهندو، جيستائين فل ڪورٽ ان آرڊيننس جي آئيني حيثيت جو جائزو نه وٺي  يا فل ڪورٽ آرڊيننس ذريعي ترميمن کي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو نه ڪري يا وري جيستائين چيف جسٽس اڳوڻي ڪميٽي کي بحال ڪري ۽ جسٽس منيب اختر کي شاملڪري،  تيستائين ڪميٽي ۾ نه ويهندس. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ جوڙي وڃي يا انتظامي طور فل ڪورٽ اجلاس سڏايو وڃي. هن پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان اڳ واري ڪميٽي جي بحالي تائين اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس. جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته تڙ تڪڙ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس آندو ويو، منهنجي خط کي اجلاس جي منٽس جو حصو بڻايو وڃي.

سپريم ڪورٽ ورهائجي وئي،مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيندو؟

اسلام آباد(فخر دراني+انصار عباسي+منيب فاروق+عمران شفقت)مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لاءِ به 8 ججن سخت لفظن ۾  جواب ڏنو آهي،ان فيصلي جا پاڪستان جي سياست تي گهرا اثر پوندا،دلچسپ ڳالهه اها آهي ته قومي ميڊيا تي ان اهم خبر مٿان آءِ ايس آءِ جي نئين سربراهه جي مقرري جي خبر حاوي ٿي وئي، گريڊ 20 جي آفيسر جي مقرري ميڊيا لاءِ وڏي خبر بڻجي وئي،ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته” طاقت جو گهر“ڪٿي آهي؟ سپريم ڪورٽ جي 8 ججن بابت اهو تاثر آهي ته انهن جو جهڪاءُ هڪ مخصوص سياسي جماعت ڏانهن آهي، جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس هم خيال ججن بابت تاثر آهي ته اهي حڪومت ۽ ٻين رياستي ادارن جي حمايت ڪن ٿا، سپريم ڪورٽ ۾ ڏار پيل آهن،ممڪن نٿو لڳي ته مخصوص سيٽن بابت عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويندو، حڪومت ان فيصلي تي عمل نه ڪندي،  8 ججن پي ٽي آءِ سربراهه طور 81 ماڻهن کي ٽڪيٽون به جاري ڪري ڇڏيون ۽ انهن کي پي ٽي آءِ اميدوار ۽ اسيمبلي ميمبر طور پاڻ ئي چونڊي ڇڏيو آهي، حالانڪه ان فيصلي ۾ انهن کان اهو سوال پڇيو پيو وڃي ته ان سموري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ته ڌر ئي نه هئي، جڏهن ته ان ڪيس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ وڏي عجيب ۽ غريب جواز ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ انهن کي آرٽيڪل 17 جو ڪلاس ٽو ڏسڻو آهي ۽ ان سان گڏ آرٽيڪل 19 به ڏسڻو آهي،ان ڪيس ۾ اهو نه ڏٺو ويو ته پي ٽي آءِ پارٽي چونڊون ئي نه ڪرايون آهن،جڏهن ته اهو عدالتي فيصلو گهڻي وقت تائين ٽڪي نٿو سگهي،اهو فيصلو به نظريه ضرورت جي زمري ۾ اچي ٿو،

منصور  شاهه جو چيف جسٽس طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جسٽس منصور علي شاهه کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تي لانگ مارچ جي تجويز ڏني آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جسٽس منصور علي شاهه کي چيف جسٽس بڻائڻ جو  نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، وڪيل تنظيمن کي 5 کان 6 ڏينهن جو نوٽيس ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن جسٽس  منصور علي شاهه جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ٿئي ته پوءِ لانگ مارچ ڪرڻ گهرجي ۽ مخالف پارٽين کي انهن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ترميمون آڻڻ جي خوفناڪ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سڀ کان اهم ڳالهه آئيني ترميم کي روڪڻ آهي، پاڪستان ۾ هن وقت وڪيل ان ڳالهه تي متحد آهن ته آئيني ترميم نه ٿيڻ ڏني ويندي. هن چيو ته عمران خان هن وقت مقبول اڳواڻ آهي، سندس مقبوليت جو ڪو به سوال ناهي، اسيمبلي فارم 47 جي پيداوار آهي، هي عوام جي نمائندگي نه ٿي ڪري.

اليڪشن ڪميشن 38 ايم اين ايز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري: بئرسٽر گوهر

اسلام آباد (م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر خان اليڪشن ڪميشن کان 38 ايم اين ايز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سينيٽ جون چونڊون به ساڳئي سبب جي ڪري نه ٿيون. سپريم ڪورٽ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته  پارٽي طرفان جيڪو به اميدوار نامزد ڪيو ويندو ان کي هميشه پارٽي جو اميدوار سمجهيو ويندو. اسان اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اوهان چوٿون اجلاس ڪرايو پر اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ٿيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار تي سوال اٿاريو آهي. اسان اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪريون ٿا ته اسان جي 38 ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جلد کان جلد مخصوص سيٽن جو اعلان ڪري.

سيٽون ڪيئن ورهائڻيون آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ابهام آهي: تارڙ

اسلام آباد(م ڊ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي باوجود آئيني مسئلو اهو آهي ته ملڪ جي قانون موجب لسٽ جو فيصلو ٿيڻو آهي ۽ پاڪستان جي آئين جي قانونن جي موجودگي ۾ اهي سيٽون ڪيئن ورهائڻيون آهن، ان جو جواب تفصيلي فيصلي ۾ ناهي، پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته اهو قانون اڄ به موجود آهي ته جيڪڏهن توهان آزاد حيثيت ۾ چونڊجي آيا آهيو ته توهان کي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ ٽن ڏينهن اندر ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻو آهي ۽ اهو قانون موجب هاڻي ناقابل واپسي آهي .هن چيو ته نظرثاني اپيل غير موثر نه ٿي آهي ڇاڪاڻ ته قانون آئين تحت حق ڏئي ٿو ۽ سياسي پارٽين جون نظرثاني درخواستون التوا ۾ آهن، اڄ جي تفصيلي فيصلي انهن نظرثاني درخواستن کي وڌيڪ طاقت ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن ۾ ڪارروائي شروع ٿي وئي ۽ جڏهن ان جو فيصلو آيو ته ان کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو ۽ اتان هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ 0-5 ذريعي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ چيو ته اهو آئين جي مطابق صحيح فيصلو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.