ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ ڊي آءِ جي ۽ عمر سرهندي کي گرفتار ڪيو

ڪراچي( پ ر)  جيئي سنڌ محاذ سينٽرل ڪميٽي جو  اجلاس پارٽي جي مرڪزي آفيس ’سنڌ سينٽر‘ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي جي صدارات ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاه نواز ڪنڀر جي پوليس هٿان ايڪسٽرا جوڊيشل قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ڊي-آ۽-جي جاويد جسڪاڻي طرفان گلن جا هار پائڻ وقت ڪيل گفتگو قتل جو اعتراف آهي تنهن ڪري کيس ۽ قتل ۾ ملوث سندس ٽيم کي فوري طور نوڪري مان ڊسمس ڪري گرفتار ڪيو وڃي. پوليس جي ڪردار تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي عدالتي تحقيق جي گهر ڪئي ويئي. ان کان سواءِ پوليس کي ۽ عوام کي قتل تي اڪسائيندڙ انتهاپسند مولوين، خاص ڪري پير عمر سرهندي جي ڪردار جي به مذمت ڪندي گهر ڪئي ويئي ته پير کي به گرفتار ڪري قتل ڪيس ۾ شامل ڪيو وڃي. وڌيڪ چيو ويو ته اهو پير ڪافي عرصي کان سنڌي نياڻين جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ ۽ ٻين نفرت ۽ نفاق پيدا ڪندڙ سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي جنهن سان سنڌ جي امن، رواداري ۽ ڀائپي واري ڪلچر کي نقصان پهچي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.