سنڌ بار ڪائونسل پاران ڊاڪٽر شاهنواز جي موت بابت عدالتي جاچ جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل پاران ميرپورخاص پوليس جي حراست ۾ توهين مذهب جي جوابدار ڊاڪٽر شاهنوار جي موت ۽ هجوم  پاران لاش کي باهه ڏيڻ واري واقعي جي عدالتي انڪوائري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ بارڪائونسل پڌرائي ۾ چيو آهي ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڏوهه ڪهڙو به هجي ڪنهن کي عدالت کان مٿانهون قتل نٿو ڪري سگهجي. سنڌ بارڪائونسل جو چوڻ آهي هجوم ۾ لاش کي ساڙڻ جي اجازت نه آهي .سنڌ حڪومت ڊاڪٽر شاهنواز جي گهروارن کي تحفظ يقيني بڻائي. جعلي مقابلي کان پوءِ گهروارن کي خطرو آهي . واقعي خلاف هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن ميرپورخاص، ڪراچي بار ايسوسئيشن، ڊسٽرڪٽ بار ائسوسئيشن ميرپورخاص ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ به جوڊيشنل انڪوائري جو مطالبو ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.