راڻي پور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) عمرڪوٽ ۾ بيگناھ قتل ٿيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي واقعي خلاف سياسي، سماجي ۽ قومپرستن پاران سچل سرمست جي مزار آڏو ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ نعرن وارا پمفليٽ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھري جي اڳواڻي ايڊوڪيٽ نور تنيو، حيدر ٻرڙو،علي امداد لاڙڪ، مجيب الرحمان ڀيلار، ساجد منڱريو، لالڻ چنو، شوڪت گهانگهرو، محسن ڀيلار ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سچل سائين جي مزار تي حاضري ڀري کيس کي اھا دانهن ڏني آهي ته پوليس هٿان بي گناھ قتل ٿيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ھي پرامن ۽ سازگاھ ڌرتي آھي. ھتان جا سادا ماڻھو مذھبي تي انتھاپسنديءَ کان پري آھن. سنڌ جي ماڻھن کي ھروڀرو اھڙا واقعي ڪرائي ان جي پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ جو ڪوششون ڪيون پيون وڃي. اسانجي ڌرتي ولين، اوليائن، صوفين جي ڌرتي آھي. جتي هميشه پيار محبت امن ۽ ڀائيچاري جو درس ملي ٿو. پر ھتي فرقيواريت جي آڙ ۾ مذھبي انتها پسندي وڌندي پئي وڃي.