گهوٽڪي(رپورٽ:آزاد مهر) بااثر سردارن پاران شهيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي حراسان ڪرڻ وارو سلسلو جاري، پ پ اڳواڻ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن پاران ڪيس جي شاهدن ۽ مشيرن کي مبينا ڌمڪيون، ان حوالي سان شھيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي ۽ يعقوب گڏاڻي جو چوڻ آهي ته اسان عدالت مان ڪيسن ۾ پڪي ضمانت بعد واپس اچي رهيا هئا سين ته خالد لنڊ جي گن مينن ۽ واٺن هٿيار ڏيکاري اسان کي قتل ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي فوٽو واري لڳل بورڊ مٿان ڪارو رنگ هاري فرار فرار ٿي ويا، هنن چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ سنڌ، چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار ڪچي/عبوري ضمانت تي ھوندي بااثر ٿي اسان جي مٿان ظلم ۽ ڏاڍ جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، انھن جوابدارن پ-پ ايم اين اي خالد لنڊ، شھباز لنڊ۽ نور محمد لنڊ جي ضمانت رد ڪري، شھيد جي وارثن کي تحفظ ڏي.