عمرڪوٽ: مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي زال مسمات نعمت ڪنڀر جي سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ٿي آهي. عمرڪوٽ پوليس ڪالهه اسان سان انکان وڌيڪ بدترين ظلم ڪيو آھي، صبح 8 وڳي کان مسلسل اسان کي عمرڪوٽ پوليس هراسان ڪري رھي آھي اسانجي ڳوٺ پھچي منھنجي سھري صالح ڪنڀر کان ڪيس داخل ڪرڻ جو آسرو ڏئي زبردستي بيان لکرائي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو قتل ٻوڙڻ چاھي ٿي، خدارا ڪجھ خوف ڪيو، ھن وڌيڪ ويڊيو بيان ۾ دانھيندي چيو ته منھنجو سھرو صالح ڪنڀر ڊاڪٽر جي قتل کانپوءِ پرشان رھي ٿو ، پوليس انکان ورغلائي بيان ورتو آھي جيڪو ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي، ۽ عمرڪوٽ پوليس اسان کي تحفظ ۽ انصاف ڏيڻ بجاءِ هراسان ڪري رھي آھي، اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته عمرڪوٽ پوليس خلاف ڪاروائي ڪري اسانکي انصاف فراھم ڪيو وڃي.