ڪراچي(پ ر) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ناانصافيءَ واري قتل تي بي حد افسوس جو اظهار ڪري ٿي. هن قسم جو ظالماڻو قدم سنڌ جي رواداري، سهپ ۽ عدم تشدد وارين روايتن تي وڏو حملو آهي. پاڪستان جو قانون ڪٿي به اها اجازت ڪو نه ٿو ڏئي ته ڪنهن به ملزم کي انصاف جي ڪورٽن اڳيان پيش ڪرڻ کان پهرين پوليس ۽ عام ماڻهو ڪنهن کي به ائين قتل ڪري ڇڏي. هي ثابت ٿو ڪري ته سنڌ ۾ عام ماڻهو ته ڇا پر پوليس اهلڪار ڪنهن به قانون جي پاسداري ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن کي به خودڪار عمل ذريعي ڪا به سزا ڏئي سگهن ٿا. اهڙي حرڪت کي جهنگ جو قانون ئي چئي سگهجي ٿو. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شهيد ڊاڪٽر شاهنواز جي وارثن سان تعزيت ڪندي همدردي ڪري ٿي ۽ سنڌ سرڪار کان گُهر ڪري ٿي ته هن اڻ سهپ ۽ غير رواداري واري ظلم خلاف جڊيشل انڪوائري ڪري.