اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) مخصوص سيٽن تي اليڪشن ڪميشن فيصلو نه ڪري سگهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن مشاورتي عمل جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جي وضاحت جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو چوٿون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ قانوني ٽيم شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ قانوني ٽيم سپريم ڪورٽ جي وضاحت ۽ نئين اليڪشن ايڪٽ تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي خط جو به جائزو ورتو ويو.قانوني ٽيم بريفنگ ۾ چيو ته پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽن تي ڪو به حق ناهي.گذريل ڏينهن به اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن تي فيصلو نه ڪري سگهيو پر اليڪشن ڪميشن مشاورتي عمل جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانوني ماهرن سان مشاورت جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو اجلاس سومر تي ٻيهر ٿيڻ جو امڪان آهي.