لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ کي انتظاميا طرفان لاهور ۾ مينار پاڪستان بدران ڪاهنا مال پڙي ۾ جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي. ايڊووڪيٽ خاقان مير موجب پي ٽي آءِ کي مال پڙي ۾ جلسي جي اجازت ملي آهي پارٽي کي منجهند 2 وڳي کان رات 5 وڳي جلسي جو وقت ڏنو ويو، رات 11 يا 12 وڳي تائين جو وقت ڏنو وڃي. ان کان اڳ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر شاهد عباس جي صدارت هيٺ لاهور هيڊڪوارٽرز ۾ پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت بابت لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ ڊي سي کي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ڊپٽي ڪمشنر جلسي جي اجازت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پي ٽي آءِ جو جلسو 21 سيپٽمبر تي 2 وڳي کان 5 وڳي تائين ٿيندو، ڪي جي وڏي وزير کي 8 سيپٽمبر واري جلسي ۾ سخت ٻولي تي معافي گهرڻي پوندي ۽ جلسي جي سيڪيورٽي آرگنائزرن جي ذمي هوندي.