لاهور وارو جلسو ” مرو يا ماريو “ آهي، روڪيو ويو ته جيل ڀري ڇڏينداسين: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لاهور وارو جلسو ” مرو يا ماريو آهي“ هاڻي حڪمرانن جيڪو وڻي ڪن، ڪارڪنن کي چئي ڇڏيو آهي، ٻاهر نڪرو، 15 مهينن کان جيل ۾ آهيان وڌيڪ به جيل ۾ رهڻ لاءِ تيار آهيان، عوام به جيل وڃڻ کان نه گهٻرائي، جيڪڏهن جلسي کان روڪيو ويو ته جيل ڀري ڇڏينداسين.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته آئيني عدالت واري معاملي تي تفصيلي بحث ٿيڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ آخري ادارو آهي جنهن مان ماڻهن کي اميدون آهن، سپريم ڪورٽ کي به تباهه ڪيو ويو ته پاڪستان بنانا ريپبلڪ بڻجي ويندو.
صحافي سوال ڪيو ته اوهان چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون هيون ان آئيني عدالتن جي جوڙجڪ به موجود هئي، هاڻي اوهان جو ڪهڙو موقف آهي؟
ان تي عمران خان چيو ته هر شئي جو ڪو تناظر هوندو آهي، تڏهن ۽ اڄ ۾ فرق آهي، هن وقت آئيني ترميمن جو مقصد صرف ۽ صرف قاضي فائز عيسيٰ کي بچائڻ آهي، اِهو سڀ ڪجهه رات جي اونداهي ۾ نه ٿيڻ گهرجي، هو جيڪو ڪرڻ وارا آهن اِهو آئين جي خلاف آهي.
هن چيو ته قاضي فائز عيسيٰ کي عدالت مان کڻي آئيني عدالت ۾ ويهاري ڇڏيندا، مون اهڙا فيصلا ڪندڙ بيوقوف تمام گهٽ ڏٺا آهن، هو ڊنل آهن .
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته لائين جي هڪ پاسي اُهي بيٺا آهن جيڪي ووٽ کي عزت ڏيڻ جي ڳالهه ڪري بوٽ کي عزت ڏئي رهيا آهن، جهموريت ڏنڊي جي زور تي يا غلام بڻائي ناهي هلندي، راولپنڊي جي ڪمشنر صحيح چيو هو ته قاضي فائز عيسيٰ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ٻٽ بڻيل هئا، هو امپائرن جو مُدو وڌائڻ چاهين ٿا ته جيئن هو ايڪسپوز نه ٿي سگهن.
افغان قونصلر جنرل پاران قومي تراني جي احترام ۾ اُٿي نه بيهڻ بابت سوال تي عمران خان چيو ته ڇڏيو ان معاملي، ملڪ جا ٻيا به وڏا مسئلا آهن، ملڪ جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.