ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ سون جي قيمت ۾هڪ ڀيرو وري سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون اٺ سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 68 هزار پنج سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 685 رپيا واڌ بعد 2 لک 30 هزار 195 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت اٺ ڊالر چاڙهه کانپوءِ ٻه هزار پنج سئو ستهتر ڊالرز آهي.
You might also like