عورت ڪرڪيٽر سان غير مناسب رويو، اڳوڻي سريلنڪن ڪرڪيٽر تي ويهه سال پابندي لاڳو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا عورت ڪرڪيٽر سان غيرمناسب رويي تي اڳوڻي سريلنڪن ڪرڪيٽر ۽ وڪٽوريا وومين ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ دليپ سمارا ويرا تي پابندي لڳائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، دليپ سمارا ويرا تي الزام آهي ته ڪرڪيٽ وڪٽوريا سان واڳيل هئڻ دوران هن ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي، ڏوهه ثابت ٿيڻ جي بنياد تي مٿس پابندي لڳائي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان دليپ سمارا ويرا تي 20 سالن تائين ڪرڪيٽ سرگرمين حصو وٺڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي ۽ اڳوڻو ڪوچ آسٽريليا يا رياستي ڪرڪيٽ ۾ ڪو به عهدو سنڀالي نه سگهندو.
ڪرڪيٽ وڪٽوريا جي سي اي او موجب، ڪرڪيٽ آسٽريليا ۽ ڪرڪيٽ وڪٽوريا سمورن ڪرڪيٽرن لاءِ محفوظ ماحول مهيا ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ غير مناسب رويي جو شڪار عورت طرفان آواز اُٿارڻ تي کيس ساراهي ٿي.
واضح رهي ته دليپ سمارا ويرا نوي جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ سريلنڪا لاءِ ست ٽيسٽ ۽ پنج هڪ ڏينهن واريون ميچون کيڏيون، هو ٻه هزار اٺ ۾ بيٽڻگ ڪوچ طور ڪرڪيٽ وڪٽوريا جي وومين پروگرام جو حصو بڻيو.
سمارا ويرا کي هلندڙ سال مئي ۾ وڪٽوريا جي وومين ٽيم جو فل ٽائيم ڪوچ مقرر ڪيو ويو پر هن ڪجهه ڏينهن بعد ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.