فخر زمان جي مداحن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي جارح مزاج اوپنر فخر زمان گڏيل عرب رياستن ( يو اي اي ) جي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ليگ جي ٽئين ايڊيشن لاءِ ڊيزرٽ وائپرز سان معاهدو ڪري ڇڏيو.
فخر زمان متحدا عرب امارات جي انٽرنيشنل ليگ ٽي ٽوئنٽي جي ٽئين ايڊيشن ۾ ڊيزرٽ وائپرز طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو.
فخر زمان سان گڏ قومي ڪرڪيٽر اعظم خان ۽ محمد عامر به ڊيزرٽ وائپرز جي اسڪواڊ جو حصو آهن، ٻنهي کي ٽئين سيزن لاءِ وائپرز جي اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو ويو آهي.
ٻئي پاسي فاسٽ بالر شاهين آفريدي جنهن گذريل سال ڊيزرٽ وائپرز جي نمائندگي ڪئي هئي هن سال انٽرنيشنل مصروفيتن سبب ليگ ۾ حصو نه وٺندو.
ڊيزرٽ وائپرز طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر شاهين آفريدي کي سائن ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي پر فاسٽ بالر مصروفيتن سبب ٽورنامينٽ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو.
واضح رهي ته آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ليگ جا مقابلا 11 جنوري کان نوَ فيبروري 2025 تائين متحدا عرب امارات ۾ شيڊيول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.