ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پارٽي چيئرمين مولانا فضل الرحمان سان ڪا به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي ته آئيني ترميم منظور ڪرڻ مجبوري آهي.
پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ٻين تجويزن بدران آئيني عدالتن بابت رڳو پنهنجي ڊرافٽ جو ذميوار آهي.
سندس چوڻ هو ته هو پاڻ گذريل هفتي مولانا فضل الرحمان سان ٿيل ملاقات ۾ موجود هو، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ کي ضرور ڪا غلط فهمي ٿي آهي.
مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان آئيني عدالتن جي جوڙجڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته پ پ چيئرمين ۽ مولانا فضل الرحمان ڄاڻايل آئيني ترميمن جي کوڙ سارن نڪتن جي حوالي سان هڪ پيج تي آهن.
Prev Post
You might also like