ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي ڀارت جي امير ترين ڪاروباري شخصيت مڪيش امباڻي جي ننڍي پٽ اننت امباڻي جي شادي ۾ شرڪت عيوض بالي ووڊ اسٽارز کي ملندڙ معاوضن بابت انڪشاف ڪيو آهي.
ويجهڙ ۾ اننيا هڪ انٽرويو دوران ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو، جڏهن کائنس سوال پڇيو ويو ته ڇا اِهي افواهه سچ آهن ته اننت امباڻي ۽ راڌيڪا مرچنٽ جي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ بالي ووڊ اداڪارن کي معاوضو ڏنو ويو هو؟
جواب ۾ اداڪارا چيو ته هوءَ نٿي ڄاڻي ته ماڻهن کي ائين ڇو ٿا سمجهن ته جيڪڏهن بالي ووڊ اداڪار اننت ۽ راڌيڪا جي شادي تي ڊانس ڪيو ته ان لاءِ کين پئسا ڏنا ويا.
اننيا چيو اهڙي قسم جي افواهن ۾ ڪا به سچائي ناهي، اِهي رڳو افواهه ۽ بي بنياد خبرون خبرون آهن، اننت ۽ راڌيڪا منهنجا بهترين دوست آهن، سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته پنهنجي دوستن جي شاديءَ ۾ ڊانس ڇا پئسا ڇو وٺنديس؟
ياد رهي ته هلندڙ سال شروع ٿيندڙ اننت امباڻي ۽ راڌيڪا مرچنٽ جي شادي جون تقريبون 14 جولاءِ تائين ممبئي ۾ جاري رهيون، جنهن بالي ووڊ سيمت سموري دنيا جي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي هئي.
You might also like