ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي والد سليم خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪيون مليون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سلمان خان جي پيءَ سليم کي خان کي ڌمڪي ان وقت ملي جڏهن هو خميس جي صبح ورزش لاءِ ممبئي ۾ پنهنجي گهر جي ويجهو موجود هو.
رپورٽس موجب، ورزش دوران هڪ موٽرسائيڪل سوار عورت ۽ مرد سليم خان وٽ آيا جنهن کانپوءِ برقعو پهريل عورت سليم خان جي آڏو جيل ۾ قيد گينگسٽر جو نالو ورتو ۽ چيو ته ” لارنس بشنوئي کي موڪليان؟ “
پرڏيهي ميڊيا موجب، ممبئي پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته سلمان خان ۽ سندس پيءَ کي ان کان اڳ 2022ع ۾ به ڌمڪي جوڳو خط مليو هو جنهن ۾ لکيو ويو هو ته ” توسان به موسي والا جهڙو حشر ڪنداسين.“
ان کانسواءِ هلندڙ سال مئي ۾ سلمان خان جي گهر تي فائرنگ پڻ ڪئي وئي هئي جنهن کانپوءِ گرفتار جوابدار انڪشاف ڪيو هو ته هن گينگسٽر لارنس بشنوني کي چوڻ تي فائرنگ ڪئي.
ان کان اڳ پنجابي راڳي سڌو موسي والا جي قتل جي ذميواري به گينگسٽر لارنس بشنوئي قبول ڪئي هئي جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته بشنوئي سلمان خان کي به موتمار ڌمڪيون ڏئي چڪو آهي.
You might also like