اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل بابت حڪومت کان واضح موقف گهري ورتو.
پي ٽي آءِ باني عمران خان جي امڪاني ملٽري حراست ۽ ٽرائل روڪڻ جي درخواست جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته ملٽري حراست ۾ ڏيڻ لاءِ ڪهڙو طريقيڪار آهي؟ سياستدانن ۽ فوجي آفيسرن جي بيانن جون خبرون رڪارڊ تي آنديون ويون آهن، جيڪڏهن بيان ڪنهن آفيسر طرفان اچن تي اِهي سنجيدا آهن.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيوته بچاءَ واري وزارت وٽ اڄ ڏينهن تائين ملٽري حراست يا ٽرائل جو ڪو به اطلاع نه آهي، بچاءَ واري وزارت طرفان بيان ڏئي رهيو آهيان ته اهڙي ڪائي به شئي في الحال ناهي آهي، جيڪڏهن ڪا درخواست ايندي تڏهن به قانون پٽاندڙ ڪارروائي ڪئي ويندي.
جسٽس ميان گل حسن پي ٽي آءِ جي وڪيل کان سوال ڪيو ته اوهان کي نٿو لڳي ته اواهن جي درخواست وقت کان اڳ آهي؟ اوهان جي درخواست تي مون نوٽيس جاري ناهي ڪيو پر بيان طلب ڪيو هو، جيڪڏهن جواب هجي ها، ها ملٽري ٽرائل ٿيڻ وارو آهي ته پوءِ ڳالهه اڳتي وڌي ها، اسان اڄ هڪ مختلف دور ۾ آهيون، اڄ جي دور ۾ لفظي جنگ ٿيندي آهي، عدالت اوهان جي بيچني سمجهي سگهي ٿي اسان جي حدن کي به سمجهيو، مون وٽ هن ڪيس ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪجهه نه آهي.
بچاءَ واري وزارت جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته هن فيلڊ جنرل ڪورٽ ۾ پنجاهه کان وڌيڪ ڪيس ڪيا آهن، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيئن عام شهرين کي فوجي عدالتن ۾ وٺي ويندا آهيو؟ جنهن تي لاڳاپيل نمائندي چيو ته لاڳاپيل مئجسٽريٽ کي ملٽري اٿارٽي آگاهه ڪندي آهي.
جسٽس ميان گل حسن پڇاڻو ڪيو ته عام شهرين جي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل جو طريقڪار ڇا آهي؟ اوهان کي ان حوالي سان تفصيل فراهم ڪيو، عدالت کي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل بابت واضح جواب نه پيو ڏنو وڃي.
بچاءَ واري وزارت جي نمائندي چيو ته ان حوالي سان اسان جو شفاف طريقيڪار آهي، اسان به قانوني ثبوتن ۽ شاهدين تي عملدرآمد ڪندا آهيون.
جسٽس گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته نيب جي قانون کي سپريم ڪورٽ ڊريڪونين قرار ڏنو پر ان ۾ به طريقيڪار موجود آهي، طريقيڪار اِهو آهي ته پهريان سول عدالت چارج فريم ڪندي، ٽرائل ڪورٽ جيڪڏهن چئي ته ڪيس ملٽري ڪورٽ ڏانهن موڪلڻو اهي ته پوءِ نوٽيس ڏئي موڪلي سگهجي ٿو.
عدالت پي ٽي آءِ باني جي ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل بابت حڪومت کان واضح موقف طلب ڪيو جنهن تي بچاءَ واري وزارت موقف ڏيڻ لاءِ وقت گهري ورتو.
اسلام آباد ۾ ان حوالي سان ايندڙ ٻڌڻي تي واضح موقف ڏيڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عمران خان جي فوجي عدالت ۾ ٽرائل بابت ڪا به درخواست ناهي آئي: حڪومتي وڪيل جو موقف
You might also like