پارليامينٽ هائوس مان گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ضمانتون منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پارليامينٽ هائوس مان گرفتار تحريڪِ انصاف جي ميمبرن جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين پي ٽي آءِ ايم اين ايز خلاف سنگجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران عدالت پراسيڪيوٽر جنرل کان سوال ڪيو ته شير افضل مروت، احمد چٺا ۽ قومي اسيمبليءَ جي ٻين ميمبرن وٽان ڪجهه هٿ آيو آهي؟ ان تي پراسيڪيوٽر جنرل ڪجهه به هٿ ناهي آيو.
ان کانپوءِ عدالت ڪيس ۾ سمورن پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاريءَ کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست 30، 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪندي کين فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.