حڪومتي جوڙ ٽوڙ، ملاقاتون ناڪام، آئيني ترميمون اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت وفدن جي رات دير سان ملاقاتن، رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ سڀ ناڪام ٿي ويا ۽ آئيني ترميمون اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون آهن.
پارليامينٽ هائوس ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي نون ليگ جي سينيئر اڳواڻ عرفان صديقي تصديق ڪندي چيو ته آئيني ترميمون اچڻ هفتو ڏهه ڏينهن به لڳي سگهن ٿا.
هن چيو ته اڄ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا رٿيل جلاس اڻ اعلانيل مدي لاءِ ملتوي ٿي ويندا، پارليامينٽ مان ترميم منظور نه ٿيڻ حڪومت جي ناڪامي ناهي، اسان جا نمبر پورا آهن.
سندس چوڻ هو ته مسئلو نمبر گيم جو نه آهي پر مسودي ۾ ڪجهه نڪتن تي اتفاق جو آهي هر ڌر جو حق آهي جڏهن ته مسودو ڪڏهن به سامهون ناهي ايندو پر پهريان اِهو ايوان ۾ پيش ٿيندو آهي.
ليگي اڳواڻ موجب، مولانا فضل الرحمان وقت گهريو آهي، مولانا کوڙ سارين شين تي مطمئن هو، مولانا کي ترميمن تي اتفاق آهي پر ڪجهه نڪتن جي تفصيلي مطالعي لاءِ وقت گهربل آهي.
واضح رهي ته ڪالهه ٿيل پارليامينٽ جي اجلاس دوران آئيني ترميمن جو مسودو پيش ڪرڻو هو پر رات دير تائين حڪومت کي ترميمن جي منظُري لاءِ گهربل اڪثريت نه ملڻ تي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا اجلاس ملتوي ڪري اڄ وري طلب ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.