سنڌ سان ناانصافيون برداشت نه ڪنداسين: نثار کهڙو

گڏاپ (رپورٽ: ممتاز شيخ) سنڌ سان ناانصافيون برداشت نه ڪنداسين 91ع واري معاهدي تحت صوبن کي پاڻي جو حصو ملڻ  گهرجي اهڙن خيالن جو اظهار پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو لياري ۾ ڪراچي ويسٽ جي نئين چونڊيل باڊي جي آجياڻي ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو نثار کهڙو چيو ته ڪارونجهر کي سنڌ جو قومي ورثو قرار ڏيڻ جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتيون برداشت نه ڪنداسين. جلسي کي پ پ ايم پي اي علي احمد جان، شميم ممتاز، تاج محمد ڪورائي، عاشق حسين راڄپر، مور گائنچو، پنهل لاڙڪ، علي اڪبر ڪاڇيلو، اڪبر چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.