زيادتي جو نشانو بڻيل پوليو ورڪر جي سهائتا لاءِ حڪومت کي خط

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو)ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ظهور علي مري متاثر عورت جي 50 لک رپيا مالي مدد ۽ سرڪاري نوڪري لاءِ سنڌ حڪومت کي درخواست لکي ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ظهور علي مري درخواست ۾ چيو آهي ته مسمات عابده انڙ سان تمام گهڻي زيادتي ٿي آهي، اهڙي واقعي کانپوءِ کيس پنهنجي مٽن مائٽن ۽ گهر وارن به گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، جيڪا هن وقت پنهنجي والد وٽ رهيل آهي، جنهن کي هيئنر تمام انساني همدردي ۽ مدد جي سخت ضرورت آهي، ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ظهور علي مري درخواست ۾ سنڌ حڪومت کان گُهر ڪئي آهي ته متاثر عورت مسمات عابده انڙ جي گهٽ ۾ گهٽ 50 لک رپيا مالي مدد ڪئي وڃي ۽ کيس زندگي جي گذر سفر لاءِ سرڪاري نوڪري پڻ ڏني وڃي.ٻئي طرف ڊي آئي جي سکر پير محمد شاھه جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم جيڪب آباد پھچي وئي.متاثر عورت سندس والد ڊي ايڇ او ۽ ٻين کان بيان ورتا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.