ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ ئي ڏينهن ۾ منڪي پاڪس جو ٽيون ڪيس سامهون آيو آهي. ذريعن موجب پهريون مسافر منڪي پاڪس جي شڪي علامتن سان گڏ سعودي عرب جي راڄڌاني رياض کان سعودي ايئر جي اڏام ايس وي 708 ذريعي ڪراچي پهتو. ٻيو مسافر منڪي پاڪس جي شڪي علامتن سان گڏ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 732 ذريعي جده کان ڪراچي پهتو هو. هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽيون شڪي ڪيس دبئي کان ڪراچي ايندڙ فلائيٽ جي هڪ عورت مسافر ۾ سامهون آيو جنهن ۾ منڪي پاڪس جي علامت هئي، رپورٽن مطابق ٽنهي مسافرن کي سنڌ گورنمينٽ انفيڪشن ڊيزيز اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٽيسٽ رپورٽ اچڻ تائين مسافرن کي اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويندو. صحت واري وزارت موجب، پاڪستان ۾ هن وقت تائين منڪي پاڪس جي ”ڪليڊ ون“ واري قسم جو هڪ به ڪيس سامهون ناهي آيو.