آئيني ترميم لاءِ پارليامينٽ ۾ ٻولي لڳي رهي آهي: حافظ نعيم

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو آئيني ترميم تي سخت ردعمل سامهون آيو، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان جو 25 ڪروڙ عوام پارليامينٽ ۾ ان راند جي مذمت ڪري ٿو، ٻوليون لڳي رهيون آهن، خريد ۽ وڪري جو عمل هڪ ڀيرو ٻيهر جاري آهي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته سالن کان ڪجهه چهرا خريد ۽ وڪري جي جمعا بازار لڳائي رهيا آهن، ڪڏهن ترميم لاءِ ته ڪڏهن جنرل باجوه جي مدي ۾ واڌ ته ڪڏهن وري چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ لاءِ ٻوليون لڳايون ٿين وڃن،  اچو مارڪيٽ ۾ ڏسون ته ڪير پنهنجي قيمت لڳائي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.