نوابشاهه/قاضي احمد(نمائندا)نوابشاهه تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ باغ زرداري ۾ ڪار سوار هٿياربندن دادلو زرداري جي گهر ۾ داخل ٿي ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ دادلو زرداري سندس زال ثانيا زرداري ۽ سندس امڙ شريفان ٿڏي تي قتل ٿي ويا، وارثن قاضي احمد- نوابشاهه روڊ ارباب اسٽاپ وٽ لاش رکي روڊ بند ڪري ڇڏيو. مقتول جي وارثن راھب زرداري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو نظير زرداري، پنهل زرداري ۽ شريف زرداري وارن سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ هيو ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي نيڪ مردن ڏانهن ٺاھ لاءِ ڪيترائي ڀيرا وياسين پر ڪنھن به اسان جو مسئلو حل نه ڪيو جنهن کانپوءِ اهڙو دردناڪ واقعو پيش آيو آهي.