اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد، لاهور، پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي.لاهور، ملتان، فيصل آباد، ميانوالي، بکر، ڪماليا، خانيوال، بلوال، چنيوٽ، حافظ آباد، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، گجرات، سرگوڌا ۽ جهنگ ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.ان کان علاوه ساهيوال، چيچا وطني، بوريوالا، ڦل نگر، حجره شاهه مقيم، شاهه ڪوٽ، سانگلا هيل، تله گنگ ۽ چڪوال ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.خيبرپختونخواهه ۾ پشاور، اتر وزيرستان، ڊي آءِ خان، لڪي مروت، سوات، شانگلا، بونير، لوئر دير، مالاڪنڊ، ٽانڪ ۽ چترال ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، ڪلمه طيبه پڙهندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي مرڪز موجب زلزلي جا لوڏا رات 12 لڳي 28 منٽن تي محسوس ڪيا ويا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.7 هئي ۽ ان جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڊي جي خان جي ويجهو هو.
-
پارليامينٽ تي حملو برداشت نه ٿو ڪري سگهجي: محمود اچڪزئي
اسلام آباد (م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي ڳالهين جو بهانو بڻائي پارليامنٽ تي حملي ڪرڻ برداشت ڪرڻ جهڙو عمل ناهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي محمود اچڪزئي چيو ته ٻٽن ٻڌل ماڻهن جو پارليامنٽ تي حملو قبول نه ٿو ڪري سگهجي، آئين جي بالادستي لاءِ توهان سان گڏ هر حد تائين وينداسين. هن چيو ته جلسي ۾ جيڪو ڪجهه به غلط ٿيو، ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان پارليامنٽ تي حملو ڪري ڏيو، پارليامنٽ جي بالادستي ۽ ادارن کي دائري ۾ رکڻ لاءِ حڪومت جيڪو ڪجهه ڪندي ان سان گڏ آهيون.
-
وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ ملازمن جي احتجاج تي بندش
ڪراچي (رپورٽر)وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ ملازمن جي پگهارن، پينشن، برطرف ڪيل ملازمن جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ آفيس آرڊر جاري ڪيو ويو آهي. يونيورسٽيءَ جي وقتي رجسٽرار ثمرہ ضمير پاران جاري ڪيل ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي اردو يونيورسٽي جي وي سي جي حڪم تي اداري جي سمورن ملازمن کي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ فرض سرانجام ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. يونيورسٽيءَ اندر تعليمي ماحول کي متاثر ڪرڻ واري ڪنهن به سرگرميءَ جي اجازت نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ڪو ملازم ڊيوٽي وقت آفيس مان غير حاضر رهيو يا سرڪاري ڊيوٽي کان سواءِ ڪنهن به سرگرميءَ ۾ ملوث ڏٺو ويو ته ان جي لاڳاپيل ڏينهن جي پگهار مان ڪٽوتي ڪئي ويندي. يونيورسٽي اندر شاگردن، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن کان سواءِ غير واسطيدار ماڻهن جي داخلا تي سختي سان پابندي آهي، نان ٽيچنگ ملازمن موجب هاڻي ميڊيا جي به يونيورسٽيءَ ۾ داخلا تي پابندي هوندي.