سکر/ پير جو ڳوٺ (رپورٽ: آزاد مهر / وسيم سنڌي ) پيرجوڳوٺ ڀرسان جاگيراڻي سولنگي تڪرار جو نبيرو ٿي ويو، 6 خونن ۽ 19 زخمين زخمين جا ٻه ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ مقرر، پيرجوڳوٺ ڀرسان ڪوٽ پل واري علائقي ۾ اڍائي مهينن کان جاگيراڻي، سولنگي برادري جي ڌرين وچ ۾ ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل تڪرار جو نبيرو درگاھ پيرڳوٺ ۾ مير عابد خان سندراڻي ۽ اشرف خان سولنگي جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو، جاگيراڻي ڌر طرفان ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي مشير طور شرڪت ڪئي ۽ عبدالستار جاگيراڻي بيان ڪيو. جڏهن ته سولنگي ڌر پاران محمد خان جوڻيجو ۽ اظهر ڪماريو مشير طور شريڪ ٿيا ۽ ضمير سولنگي بيان ڪيو. ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ سرپئنچن ۽ مشيرن صلاح مشوري بعد فتوا تيار ڪري ڌرين کي ٻڌائي وئي. جنهن ۾ ۾ سولنگي برادري جي 3 قتلن ۽ 12 ڄڻن جي زخمين جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جاگيراڻي ڌر تي 99 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته جاگيراڻي برادري جي 3 قتلن ۽ 7 زخمين جا سولنگي ڌر تي هڪ ڪروڙ 20 لک روپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي. مجموعي طور تي ڌرين مٿان 2 ڪڙور 19 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو. ڏنڊ جي رقم ڌريون ٽن مهينن دوران ٽن قسطن ۾ ادا ڪنديون، فتوا ۾ ڄاڻايو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن ڌر اڳرائي ڪئي ته ان کي 50 لک روپيا ڏنڊ ڀرڻو پوندو، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، واضح رهي ته گذريل 3 مهينن کان جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي معاملي تان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، مختلف اسٽاپ بند پيل هئا، اسڪول به بند پيل هئا، هزارين شاگردن جي تعليم تباھ ٿي رهي هئي شهر ويراني جي ور چڙهيل هئا. مختلف وقتن تي ڌرين وٽ ميڙ منٿ قافلا پهتا، فيصلي جي سموري نگراني پير پاڳارا جو صاحبزادو سيد محمد راشد شاهه، حرجماعت جو چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو، خليفو علي محمد ڳاھو، خليفو سلطان فقير راڄڙ، خليفو محمد رحيم هنڱورو، خليفو احمد صالح مھر، خليفو فقير محمد اڪرام کوسو، ديوان ٽوپڻ داس ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا.