پهريان بينچ ڏسي ٻڌايو ويندو هو ته ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو هاڻي ائين ناهي ٿيندو: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پهريان بينچ ڏسي ٻڌايو ويندو هو ته ڪيس جو فيصلو ڪهڙو ايندو، هو ڪيس مان بدنيتي جو عنصر ڪڍي ڇڏيندو آهي، هر جج جو ڪو نه ڪو رجحان هوندو آهي.
سپريم ڪورٽ جي نئين عدالتي سال جي شروعات تي فل ڪورٽ ريفرنس ڪوٺايو ويو، جنهن جي سربراهي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪئي.
جسٽس منصور علي شاهه پرڏيهه ۾ هئڻ سبب ريفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي جڏهن ته شريعت اپيلٽ بينچ جي ميمبر جسٽس قبلا اياز ۽ جسٽس خالد مسعود به فل ڪورٽ ريفرنس ۾ شرڪت ڪئي.
فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف جسٽس بڻجڻ بعد پهريون ڪم فل ڪورٽ گهرائڻ جو ئي ڪيو هو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته عوامي مفاد جا ڪيس سڌي ريت نشر ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته هاڻي چيف جسٽس نه ڪميٽي ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي آهي، پهريان داخل ٿيل ڪيس جو فيصلو به پهريان ٿيڻ گهرجي، فيصلو ڪيو ته عوام ڪارڪردگي ڏسي فيصلو ڪري ته شفافيت آهي يا ناهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پهريان ڪاز لسٽ منظوري لاءِ چيف جسٽس وٽ ويندي رهي، هاڻي ائين ناهي ٿيندو، هر جج جو ڪو نه ڪو رجحان هوندو آهي، ان لاءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪيس هن جج وٽ ويو ته ڪنهن کي فائدو ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته هر وڪيل اهو چاهيندو هو ته سندس ڪيس فلاڻي جج وٽ مقرر ٿئي، اهو به ختم ٿي ويو، ان جو مطلب اهو ناهي ته وڪيل جو جج سان ڪو رابطو آهي پر ان جو پتو ان جج جي رجحان ڪهڙي طرف آهي ته هي سسٽم هنن ختم ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪجهه مخصوص قسم جا ڪيس جيڪي قانون ۾ لکيل آهن، انهن جو فيصلو ڪيو آهي ته اهي اهميت جوڳا آهن، هنن پاڻ به ڪجهه ڪيسن جا حڪم جاري ڪيا آهن ته هو جلد مقرر ڪيا وڃن.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ڪڏهن ڪڏهن کيس کل ايندي آهي ته پراڻن صحافين کي ڪا ڳالهه پسند ناهي ايندي ته چوندا آهن چيف جسٽس ڪيس نه لڳايو، تبصرا ضرور ڪريو پر حقيقت جي بنياد تي افواهن تي نه ڪريو، اوهان جي ذميواري آهي ته سچ ڳالهايو ۽ سچ ٻڌايو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سڀني کي خبر آهي ته نگران حڪومت هئي ۽ اليڪشن نه ٿي رهي هئي، چونڊن بابت درخواست سپريم ڪورٽ ۾ آئي، ٽي ڏينهن ٻڌڻي ٿي، ٻارهن ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويو، هنن پنهنجا اختيار نه اورانگهيا.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته رنڊڪ وجهڻ وارا هر شيءِ ۾ رنڊڪ ڳولي وٺندا آهن، لاهور هاءِ ڪورٽ جي حد صوبي تائين هوندي آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته رٽرننگ آفيسر عدليا کان ڏنا وڃن، هنن لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ختم ڪيو، جيڪڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رهي ها ته فيبروري ۾ اليڪشن نه ٿئي ها.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن جمهوريت سان ڳنڍيل هوندي آهي، پارليامينٽ قانون ٺاهيندي آهي، سندن ڪم قانون جي تشريح ڪرڻ آهي، اوهان ٻين کان گهرو شفافيت ۽ احتساب، پنهنجو نه ڪريو ته ڳالهه ۾ وزن نه رهندو ۽ فيصلن جو قدر نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.