آءِ ايم ايف بورڊ اجلاس جو شيڊيول جاري، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر نظر انداز

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جي ايگزيڪٽيو بورڊ جي هڪ ٻئي اجلاس جو ڪيلنڊر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ ڀيرو وري پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ جو اجلاس 18 سپٽيمبر تي ٿيندو جنهن ۾ بروڊ سرينام جي ستين جائزي جي منظوري ڏيندي.
ان کان اڳ به آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ جي 9 ۽ 13 سپٽيمبر واري اجلاسن جو ڪيلنڊر جاري ٿي چڪو آهي، اڄ 9 سپٽيمبر واري اجلاس ۾ ڀوٽان جو ڪيس شامل آهي جڏهن ته 13 سٽپيمبر واري اجلاس ۾ ناروي جو ڪيس شامل آهي.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو 12 جولاءِ تي ٿيو هو پر ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اڃا تائين ٻه ارب ڊالرز جي پرڏيهي فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ ۾ ڏکيائين منهن ڏئي رهيو آهي.
ذريعن موجب، پرڏيهي فنانسگ جي شرط پوري ڪرڻ لاءِ پاڪستان 1 ڏهائي 75 ارب ڊالر جي ڪمرشل قرض لاءِ درخواست ڪري چڪو آهي، پاڪستان اسلامڪ ٽريڊ فنانس ڪارپوريشن کي چاليهه ڪروڙ ڊالر ۽ اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ کي 35 ڪروڙ ڊالر قرض جي درخواست پڻ ڪري چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان، سعودي عرب کي به هڪ ڏهائي ٻه ارب ڊالر قرض جي درخواست ڪري چڪو آهي جڏهن ته سعودي عرب سان اوڌر تي تيل وٺڻ جي سهولت لاءِ به ڪوشش جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.