اسلام آباد(ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سياسي مامرن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي خبردار ڪري ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته اسلام آباد جا رستا کليل هئا پر اسلام آباد جي طرفان جلسي گاهه ڏانهن ايندڙن کي نه روڪيو ويو.
هن چيو ته جلسي ۾ جيڪا تقرير ڪئي وئي اِها انارڪي پکيڙڻ لاءِ ڪئي وئي، علي امين گنڊاپور ٻه نمبر ماڻهو آهي، هو ٻچاپڙو آهي، جنهن لهجي ۾ هن چيو ته مان لاهور اچي رهيو آهيان، کيس ان ئي لهجي ۾ جواب ملندو، هاڻي اوهان اٽڪ پُل ٽپي ڏيکاريو.