شڪر ڳڙهه( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ويهه سال اڳ ڊاڪٽر اسرار ۽ حڪيم سعيد جي پي ٽي آءِ باني بابت راءِ درست ثابت ٿي رهي آهي.
شڪر ڳڙهه ۾ اباڻي ڳوٺ فتووال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اسرائيل چئي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان پاڪستان اسان جا لاڳاپا ٺيڪ ڪري سگهي ٿو، ويهه سال اڳ ڊاڪٽر اسرار ۽ حڪيم سعيد جي پي ٽي آءِ باني بابت راءِ درست ثابت ٿي رهي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چار سال مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي حڪومتي دور ۾ هن گار گند کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو، سياسي مخالفن کي چور، ڦورو چوڻ ۾ گذاري ڇڏيا.
احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ باني ذريعي ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي سازش ٿي رهي آهي، حڪومت سازشن ۽ فوج دهشتگردي جي خلاف وڙهي رهي آهي.
وفاقي وزير چيو ته اسان جنگ کٽي ملڪ کي ٻيهر ترقي جي رستي تي آڻينداسين، پي ٽي آءِ باني عثمان بوزدار ۽ پرويز الاهي کي چونڊي پنجاب جو وڏو وزير مقرر ڪيو، مون کي ڪوڙي ڪيس ۾اڊيالا جيل ۾ بند ڪرايو، پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ملي رهي آهي.