ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ سوين رُپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون يارنهن سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک سٺ هزار چار سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 943 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 23 هزار 251 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 7 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ ٻه هزار 490 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like